Difference between revisions 27959 and 27960 on sdwikiنور القرآن سنڌ پاڪستان جي باري [http://www.qsindh.com www.qsindh.com] [http://www.facebook.com/qsindh www.facebook.com/qsindh] ''سٿ ساراهون ان مالڪ لاءِ جنهن انسان کي بيان جي نعمت ارپي اشرف المخلوق جو تاج پهرايو درود ۽ سلام ان پاڪ ذات تي جنهن انسان کي مالڪ حقيقي جو پاڪ ڪلام ٻڌايو ۽ سندس آل تي جن انسانيت کي ان پاڪ ڪلام جو تفسير سمجهايو، لعنتون ۽ ڦٽڪار انهن تي جن ان پاڪ ڪلام سان وير وڌو. رب پاڪ جڏهن کان ڌرتي تي انسانيت جو ٻج ڇٽيو، تڏهن کان ئي ان انسانيت جي شجر جي آبياري لاءِ پنهنجي لازوال ماءُ الحيات جي نزول جو سلسلو پڻ شروع ڪيو ان سلسلي جي آخري ڪڙي، تاجدار رسالت، محمد مصطفي صلى الله عليه وآله وسلم جي روپ ۾ رونما ٿي رب پاڪ پنهنجي پياري محبوب کي، پنهنجي عظيم ڪلام جو مبلغ بڻائي، بشريت ڏانهن موڪلي ڪڻس مان وڌايو. پاڻ سڳورا اهڙي عظيم ڪلام جا مبلغ بڻجي آيا: جيڪو مئل دليلن لاءِ آب حيات آ، جيڪو جهالت جي گهگهه اونداهي ۾، روشن چراغ آ، جيڪو ظلم، ڏاڍ ۽ جبر جر مقابلي ۾ مظلومن مسيحا آ، جيڪو اهڙو همدم آ، جو ان جي هوندي، اڪيلائي جي ٻوسٽ کان امان آ، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته بشريت ان جي لازوال حسن کي پرکي ۽ سمجهي ان پاڪ ڪلام جي معرفت کي، عام ڪرڻ لاءِ ئي ” نورالقرآن“ جو بنياد رکيو ويو آهي، نورالقرآن جا اهم اغراض ۽ مقاصد هن ريت آهن: قرآن مجيد جي تعليمات کي معاشري ۾ عام ڪرڻ نوجوانن لاءِ اهڙا پروگرام جوڙڻ، جن جي وسيلي، کين قرآني علم کان آگاهه ڪرڻ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي سطح تي قرآني ڪورسز جو اجرا ڪرڻ قرآن مجيد جي هدايتن جي روشني ۾ ثقافتي ۽ معاشرتي براين جو مقابلو ڪرڻ قرآن مجيد جي مقابلي ۾ اڀرندڙ مغربي سازشن جو مقابلو ڪرڻ قرآني لائبريريون قائم ڪرڻ قرآن مجيد جي تعليمات کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪم ڪندڙ ملڪي ۽ بين الاقوامي ادارن جي پروگرامن ۽ اهداف کان آگاهه ڪرائڻ ملڪي ۽ بين الاقوامي قرآني ادارن ۾ سنڌي ٻولي ۾ شايع ٿيندڙ قرآني مواد کي شامل ڪرائڻ سنڌي زبان ۾ قرآني لٽريچر ڇپرائي عام ڪرڻ ماضي ۾ سنڌي زبان ۾ ڪيل قلمي خدمات کي معاشري ۾ متعارف ڪرائڻ'''''Bold text''' All content in the above text box is licensed under the Creative Commons Attribution-ShareAlike license Version 4 and was originally sourced from https://sd.wikipedia.org/w/index.php?diff=prev&oldid=27960.
![]() ![]() This site is not affiliated with or endorsed in any way by the Wikimedia Foundation or any of its affiliates. In fact, we fucking despise them.
|