Difference between revisions 30187 and 30256 on sdwiki

== ابن جریر طبری ==

== <big>سوانح محمد بن جرير رح</big> ==
 <br />

امام محمد بن جرير رح جن جي ولادت باسعادت 224 هجري طبرستان جي شهر آمل ۾ ٿي ، هي اهو دور هو جڏهن سلطنت عباسيه جو عروج هو ۽ سندس سڄي جمار عهد خلافت عباسيه ۾ گذري ، طبرستان هن وقت پڻ سياست ۽ مذهبي حلقن جنهن ۾ معتزلي ، خوارج ، باطني جو گهوارو هو ۽ ابن جرير جي ٻيهر طبرستان ورڻ وقت روافض جو عروج ٿي ويو هو 
(contracted; show full)
۽ خطيب بغدادي بابت ياقوت حموي معجم اللادباء ۾ نقل ڪن ٿا ته هو چوي ٿو “جنازي مهل ايترا ماڻهو گڏ ٿيا جنهن جو شمار الله تعالى کان سوائي ڪنهن کي ناهي ۽ هن جي قبر تي ڪيترائي مهينه جنازي جي نماز رات ڏينهن پڙهندا رهيا . 

== <big>ليکڪ</big> == 

 <big>افتخار علي چوهاڻ</big>


[[tr:Ebu Cafer Taberî]]