Revision 30021 of "پاڪستان" on sdwiki[[عڪس:Pakistan_in_its_region_(undisputed).svg|thumb|]]
{{مبسس4}}اسلامي جمهوريه پاڪستان، [[ڏکڻ ايشيا]] ۾ واقع الهندي پنجاب جي هڪ بيٺڪيت آهي. پاڪستان جي الهندي ۾ [[هندستان]]، اتر اوڀر ۾ [[چين]]، اولهه ۾ [[افغانستان]] ۽ [[ايران]] ۽ ڏکڻ ۾ [[سنڌي سمنڊ]] آهي. پاڪستان جي لفظي معنيٰ پاڪ ماڻهن جو وطن يا رهڻ جي جاءِ آهي. هن جو اهو نالو [[چوڌري رحمت علي]]ءَ رکيو. پاڪستان 1971ع تائين ٻن حصن ۾ ورهايل هو، هڪ حصو اوڀر پاڪستان (هاڻوڪو [[بنگلاديش]]) ۽ ٻيو حصو اولهه پاڪستان جي نالي سان ڄاتو ويندو هو. ان بيٺڪيت جي غلاميءَ ۾ [[سنڌ]] اڃا تائين ڀوڳي رهي آهي.
== تاريخ ==
=== مسلم ليگ جو قيام ===
ڊسمبر 1906ع جي آخري ڏينهن ۾ [[بنگال]] جي شهر [[ڍاڪا]] ۾ هڪ اجلاس ۾ [[ڪل هندستان مسلم ليگ]] جو بنياد رکيو ويو.
=== پاڪستان جو قيام ===
1945ع ۾ انگريز سرڪار سڄي [[هند]] ۽ [[سنڌ]] ۾ عام چونڊون ڪرايون ويون، جن ۾ ڪل هند ڪانگريس ۽ ڪل هند مسلم ليگ کي سنڌ اندر مڪمل شڪست ملي. چونڊن جي اهڙن نتيجن مسلم ليگ کي مسلمانن جي نمائنده جماعت نه ٿي ثابت ڪيو. اهڙيءَ ريت مذهبي بنيادن تي هندستان جو ورهاڱو ناممڪن ٿي پيو ۽ مسلم ليگ جو ٻه قوميو نظريو ئي غير درست ثابت ٿي ويو. 1945ع جي چونڊن جي نتيجي طور الله بخش سومرو سنڌ جو وزير اعظم چونڊجو. اها ڳالهه انگريز سرڪار کي نامنظور هئي، جنهن مسلم ليگ جي اڳواڻ [[جي ايم سيد]] هٿان سنڌ ۾ هندو مسلم فساد ڪرائي الله بخش سموري جي حڪومت کي ڪمزور بنائي کيس برطرف ڪري ڇڏيو. ٻيو ڀيرو چونڊون منعقد ڪرائڻ کان اڳ الله بخش سموري کي ملسم ليگين هٿان قتل ڪرايو ويو. تنهن کان پوءِ چونڊن ۾ ڌانڌليون ڪرائي ۽ ڪوڙا نتيجا ڏيکاريندي مسلم ليگ کي ڪامياب بڻايو ويو.
== سياست ==
پاڪستان هڪ [[وفاقي جمهوريت]] آهي. 1999ع ۾ هندستاني دهشتگردن جي پاڪستاني تنظيم سان واسطو رکندڙ تڏهوڪي فوجي جنرل [[پرويز مشرف]] عوامي حڪومت کي برطرف ڪري پنهنجو پاڻ کي ملڪ جو صدر مقرر ڪيو.
== ڀونءِ نگاري ==
پاڪستان جي اوڀر ۾ هندستان، اولهه ۾ ايران ۽ افغانستان، اتر ۾ چين ۽ ڏکڻ ۾ سنڌي سمنڊ آهي.
=== ڀونءِ نگارڪ ورڇ ===
پاڪستان ۾ چار صوبا، 2 وفاقي علائقا ۽ ڪشمير جو ڪجھه حصو شامل آهي.
=== صوبا ===
* [[پنجاب]]
* [[سنڌ]]
* [[سرحد]]
* [[بلوچستان]]
=== وفاقي وسنديون ===
* [[اسلام آباد|وفاقي گاديءَ جو هنڌ، اسلام آباد]]
* [[اُتريان علائقا]]
=== پاڪستاني ڪشمير ===
* [[ڄمون]]
* [[ڪشمير]]
* [[قبائلي علائقا]]
== ڀونءِ نگاري ==
== معيشيت ==
== انگ اکر ==
== تهذيب ==
== صحت ==
== عام موڪلون ==
{| class="wikitable"
<font face="MB Sindhi Web">
!موڪل
<font face="MB Sindhi Web">
!نالو
<font face="MB Sindhi Web">
!سبب يا اهميت
|-
|{{مبسس3}}[[12 ربيع الاول]]||{{مبسس3}}جشن عيد ميلاد النبي||{{مبسس3}}محمد جي ولادت جو ڏينهن
|-
|{{مبسس3}}[[1 مئي]]||{{مبسس3}} مئي ڏڻ|| {{مبسس3}}مزدورن جو عالمي ڏينهن
|-
|{{مبسس3}}[[14 آگسٽ]]||{{مبسس3}}آزاديءَ جو ڏينهن|| {{مبسس3}}پاڪستان جي قيام جو ڏينهن
|-
|{{مبسس3}}[[25 ڊسمبر]]||{{مبسس3}}قائد ڏڻ||{{مبسس3}}قائداعظم جي ولادت جو ڏينهن
|-
|{{مبسس3}}[[10 ذوالحج]]||{{مبسس3}}عيد الاضحيٰ||{{مبسس3}}ابراهيم جي قربانيءَ جي ياد ۾
|-
|{{مبسس3}}[[1 شوال]]||{{مبسس3}}عيد الفطر||{{مبسس3}}مسلمانن جي ٻن وڏين عيدن مان هڪ
|-
|{{مبسس3}}[[23 مارچ]]||{{مبسس3}}پاڪستان ڏڻ||{{مبسس3}}1940ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ طرفان ٺهراءُ منظور ڪرڻ جو ڏينهن (تڪراري)
|-
|{{مبسس3}}[[9,10 محرم الحرام]]||{{مبسس3}}[[عاشورو]]||{{مبسس3}}حسين جي ياد ۾
|}
== قومي پيداوار ==
== رياستي نشان ==
[[عڪس:Coat_of_arms_of_Pakistan.svg|thumb|left|قومي نشان]]
پاڪستان جو رياستي نشان يا پرچم هن ريت آهي؛<br />
چنڊ ۽ تارو جيڪو روايتي طور مسلمان رياست جي علامت آهن. چوڪنڊي شيلڊ ۾ ملڪ جي چار اهم فصلن بابت آهي. شيلڊ جي ٻاهران گل ۽ وليون آهن. نشان جي هيٺان [[محمد علي جيڻا]] جو قول، [[اتحاد]]، [[ايمان]] ۽ [[نظم]] نقل ٿيل آهن.
== زبانون ==
پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، پر پاڪستان ۾ رهندڙ مک قوميتن جي نمائندگي ڪندڙ چار ٻوليون، [[سنڌي]]، [[پنجابي]]، [[بلوچي]] ۽ [[پشتو]] آهن. انهن چئني ٻولين مان فقط هڪ سنڌي ٻولي ئي آهي جيڪا لکي ۽ پڙهي وڃي ٿي. ان کان سواءِ واحد [[سنڌي ٻولي]] ئي آهي جيڪا هڪ ڊگھي عرصي کان تعليمي ذريعو رهندي اچي. هن وقت به قانوناً سنڌي ٻولي سنڌ جي سرڪاري ٻولي آهي ۽ عملاً سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ صوبائي توڙي وفاقي کاتن ۾ زير استعمال آهي. هن وقت سنڌي ٻوليءَ جا نه رڳو ڪيترا ئي خانگي اپگرهي ٽي وي چينل ڪم ڪري رهيا آهن بلڪه ڪيترا رسالا ۽ اخبارون پڻ اشاعت هيٺ آهن<br />
پر بدقسمتيءَ سان [[محمد علي جيڻا]] پنهنجي تنگ نظري ۽ محدود سياسي بصيرت باعث 21هين مارچ 1948ع تي هڪ هندستاني ٻولي، يعني [[اردو]] کي پاڪستان جي قومي ٻولي قرار ڏنو. سندس اهڙي اعلان کان پوءِ بنگال، يعني تڏهوڪي اوڀر پاڪستان ۾ لساني وڳوڙن جنم ورتو. 21هين فيبروري 1952ع تي [[ڍاڪا يونيورسٽي]]ءَ ۾ پاڪستاني فوج ڪيترن ئي بنگالي شاگردن ۽ استادن کي گولين جو بک بڻايو. اهو ئي سبب آهي جو اهو ڏينهن اڄ سموري دنيا ۾ [[ماءُ ٻوليءَ جو عالمي ڏينهن]] ڪري ملهايو ويندو آهي. اوڀر پاڪستان يعني بنگال 1970ع ڌاري پاڪستان کان آزادي حاصل ڪري اردو ٻوليءَ کان جان آجي ڪرائي ويو. باقي رهيل پاڪستان جي ٽن صوبن جون پنهنجون ٻوليون ڪڏهن به تعليمي ٻوليون نه رهيون آهن. پنجاب ۽ [[سرحد صوبو]] پاڪستان جي قيام کان اڳ ئي اردو ٻوليءَ کي تعليمي ٻوليءَ طور استعمال ڪندا رهيا هئا. جڏهن ته صوبو [[بلوچستان]] پاڪستان جي قيام کان گھڻو پوءِ جڙيو، جنهن لاءِ ڪي علائقا سنڌ مان ڪڍي نئين جڙندڙ صوبي [[بلوچستان]] ۾ شامل ڪيا ويا. انهن علائقن ۾ ڪم ڪندڙ سوين سنڌي اسڪول پڻ بند ڪيا ويا. اهڙيءَ ريت هڪڙو [[سنڌ]] صوبو هو جنهن تي پنهنجي اسريل سڌريل ترقي يافته ۽ تهذيب يافته ٻولي هوندي سوندي هڪ ڌاري هندستاني ٻولي ([[اردو]]) مڙهي وئي.
== اهم شهر ==
* [[ڪراچي]]
* [[لاهور]]
* [[پشاور]]
* [[ڪوئٽه]]
* [[راولپنڊي]]
* [[فيصل آباد]]
* [[حيدرآباد سنڌ]]
* [[گجرانوالا]]
* [[گوادر]]
* [[سبي]]
* [[مير پور خاص]]
* [[بهاول پور]]
* [[سکر]]
* [[مردان]]
* [[مظفر آباد]]
* [[لاڙڪاڻو]]
* [[ڊيرا اسماعيل خان]]
* [[سيالڪوٽ]]
* [[گلگت]]
* [[جيڪب آباد]]
* [[ٺٽو]]
== پڻ ڊسندا ==
* [[پاڪستان جا وزير اعظم]]
* [[پاڪستان جا صدر]]
* [[پاڪستان جون مشهور شخصيتون]]
== خارجي ڳنڍڻا ==
* [http://www.pakistan.gov.pk/ پاڪستان جي سرڪاري ويب سائيٽ]
{{سارڪ}}
{{OIC}}
{{ڪچو}}
Pakistan rules
[[زمرو:ڀونءِ ڀياس ۽ ڀونءِ نگاري]]All content in the above text box is licensed under the Creative Commons Attribution-ShareAlike license Version 4 and was originally sourced from https://sd.wikipedia.org/w/index.php?oldid=30021.
![]() ![]() This site is not affiliated with or endorsed in any way by the Wikimedia Foundation or any of its affiliates. In fact, we fucking despise them.
|