Revision 30085 of "فضائي تصويرنگاري" on sdwiki

[[عڪس:royal.crescent.aerial.bath.arp.jpg|thumb|left|250px| [[Georgian architecture|جارجيائي]] [[شاهي حلال]] ([[باٿ]]، [[انگلستان]]) جو اڱڻ [[گرم هوا ڦُوڪڻو|گرم هوا ڦُوڪڻي]] مان ڏسجندي]]
[[عڪس:DullesAirport.jpg|thumb|250px|[[ريسٽن، ورجينيا]] جو [[ڊيولز هوائي اڏو]] ڪنهن هوائي جهاز مان ڏسجندي]]
{{مبسس4}}ڪنهن اوچي، يعني مٿانهين هنڌ تان زمين جون تصويرون ڪڍڻ کي '''فضائي تصويرنگاري''' (aerial photography) چئبو آهي. اهو اصطلاح اڪثر تڏهن استعمال ٿيندو آهي جڏهن ڪيميرا زمين يا زمين سان جڙيل ڪنهن به شَي تي ٽيڪيل نه هجي. جڏهن ته ڪيميرا تصويرنگار (فوٽوگرافر) جي هٿ ۾ به ٿي سگھي ٿي ته ڏور ضابطيل به ٿي سگھي ٿي؛ يعني تصوير تصويرنگار جي هٿان به نڪتل ٿي سگھي ٿي ته ڏور ضابطي ذريعي به نڪري سگھي ٿي. فضائي تصويرنگاريءَ جو پليٽ فارم [[راڪيٽ]]، [[هوائي جهاز]]، هيليڪاپٽر، [[اڀٽوٻو]]، [[ڦُوڪڻو]]، ۽ ويندي [[لغڙ بازي|لغڙ]] به ٿي سگھي ٿو.

== تاريخ ==
فضائي تصويرنگاريءَ جي ابتدا 1858ع ڌاري فرانسيسي تصويرنگار ۽ هواباز [[ناداغ]] ڪئي.<ref>[http://www.papainternational.org/history.html فضائي تصويرنگاريءَ جي تاريخ] پيشه ور فضائي تصويرنگار سَٿَ (ساري وئي: 21هين ڊسمبر 2007ع)</ref> [[پهرين جنگ عظيم]] دوران [[Fred Zinn]] جهڙن هوابازن فضائي تصويرنگاريءَ جو دائرو فوجي مقصدن تائين وڌايو.

== مصرف ==
فضائي تصويرنگاريءَ جو استعمال [[نقشينگاري]]، ڌر-واپراءُ رٿابندي، [[ونگڀياس]]، [[فلمسازي]]، [[قدرتي ماحول|ماحولياتي]] مطالعات، جاسُوسِي، واپاري [[اشتهارڪاري]]، ۽ ٻين کيترن ۾ ٿيندو آهي. فضائي تصويرون يا عڪس اڪثر [[ڀُون نگارڪ اطلاعت سرشتو|ڀُون نگارڪ اطلاعت سرشتن (ڀناس)]] ذريعي پردازيون وينديون آهن.
{{اصطلاح|تصويرنگاري
فضائي
اُڀٽوٻو
ڪِرِڻِڪ
ضابطيل
ڏور ضابطيل
ڀون نگارِڪ
اطلاعت سرشتو
نقشينگاري
ڌر-واپراءُ رٿابندي
ونگڀياس
عڪس
عڪسگري
هوابازي|photography
aerial
skydiver
radio (suffix)
controlled
remote-controlled
geographic
information system
cartography
land-use planning
architecture
image
imagery
aviation

تازو ئي ڪرڻڪ-ضابطيل هوائي جهازن يعني [[ڏور-ضابطيل هوائي جهاز]]ن جي ميدان ۾ ٿيل اڳڀرائيءَ سبب هيٺاهين اڏام تان فضائي تصويرنگاري ممڪن بڻي آهي. ان جو گھڻي کان گھڻو فائدو جائداد جي اشتهارڪاريءَ لاءِ ورتو ويو آهي، جنهن ۾ رهائشي ۽ واپاري ملڪيتن جي تصويري نمائش جي ضرورت پوي ٿي. ماڻهيل علائقن ۾ وڏن يعني بشريل هوائي جهازن لاءِ هيٺاهين اڏام ممنوع آهي. تنهنڪري ننڍا ماڊل هوائي جهاز اهڙن علائقن ۾ فضائي تصويرنگاريءَ جو نادر موقعو فراهم ڪن ٿا. يقيناً ننڍا ماڊل هوائي جهاز وڏن يعني بشريل هوائي جهازن جو مڪمل نعم البدل ناهن، جيڪي گھڻي دير اڏامي سگھن ٿا ۽ گھڻا وزني اوزار کڻي سگھن ٿا.

== قانوني پهلُو ==
جيئن ته ڪا به اهڙي شَي جيڪا پبلڪ جاءِ کان ڏسجي سا آمريڪا جي قانون موجب [[ذاتيات]] جي دائره ڪار کان ٻاهر ليکبي آهي، تنهنڪري فضائي تصويرنگاري ڪنهن به خانگي ملڪيت ۽ ان ۾ پيش ايندڙ واقعن کي قانوناً فلمبند ڪري سگھي ٿي. اهڙيءَ ريت ڪنهن به فضائي رٿ ذريعي ڏسجندڙ ڪا به شَي پبلڪ تصور ڪئي ويندي آهي، سواءِ گرمل پروبز جي، جن جي استعمال کي آمريڪا جي سپريم ڪورٽ غير قانوني قرار ڏنو.<ref>''[[California v. Ciraolo]]'', 476 U.S. 206 (1986)</ref>

== چيلينجز ==
# ٽاڪڻ: جيئن ته ڪا هڪ فضائي تصوير تمام وڏو علائقو نٿي سموئي سگھي، تنهنڪري وڏو علائقو، جهڙوڪر هڪ سموري شهر جي يڪي فضائي تصوير جوڙڻ لاءِ ڪيترين ئي فضائي تصويرن کي ٽاڪڻو پوندو.
# عمودائڻ: هڪ عام تصوير وانگي فضائي تصوير ۾ به ويجھيون شيون وڏيون ته پرانهيون شيون ننڍيون نظر اينديون آهن. تصوير ۾ اهڙو بگاڙ آڻڻ کي عمودائڻ چئبو آهي، جنهن سان سموريون شيون پنهنجي اصل قد ڪاٺ جي نسبت سان تصوير ۾ ننڍيون يا وڏيون نظر اچن، يعني هڪجيڏيون شيون تصوير ۾ به هڪجيڏيون ئي نظر اچن. ڏسندا: [[عمودي تصوير]].
# ٺهڪاءُ: فضائي تصويرن کي اڪثر اصلي يعني طبعي طور موجود شين جهڙوڪ رستن، عمارتن، چوڪن، ڏس پتن، ريلواٽ اسٽيشن، هوائي اڏن، بس اسٽاپن، يا ڀون نگارڪ بيهڪن سان نقشيبند ڪيو ويندو. مثال طور، ڪن ٻن عمارتن درميان ننڍي ۾ ننڍو گس ۽ فاصلو معلوم ڪرڻ لاءِ.

{{-ڏسندا-}}
* [[تناظري درستگي]]
* [[هوابازي تصويرنگاري]]
* [[هوائي تصويرگري]]
* [[لغڙي تصويرنگاري]]
* [[عمودي تصوير]]
* [[ڏور اندريات]]
* [[عڪسپيمائش]]
* [[اپگرهِي عڪسگري]]

== خارجي ڳنڍڻا ==

* [http://www.colorado.edu/geography/gcraft/notes/remote/remote_f.html {{مبسس4}}فضائي تصويرنگاري ۽ ڏور اندريات]
* [http://multimapsightseeing.blogspot.com {{مبسس4}}برطانيه فضائي تصويرن ۽ اپگرهي عڪسن ۾ ڏسجندي]
* [http://www.rcapa.net {{مبسس4}}ڏور ضابطيل فضائي تصويرنگاري ايسوسيئيشن]
* [http://airphotos.nrcan.gc.ca/photos101/photos101_info_e.php {{مبسس4}}ڪيناڊا جا قدرتي وسيلا: فضائي تصويرن جي انٽرپريٽيشن جو تعارف]
* [http://www.satimagingcorp.com/gallery-orthorectified.html  عمودايل {{مبسس4}}عددي فضائي تصويرن جي گيلري]
* [http://www.aerialarchaeology.com فضائي قدامتڀياس] فضائي تصويرنگاريءَ جا ٽيڪنيڀياس
* [http://airphotos.nrcan.gc.ca/photos101/photos101_info_e.php فضائي تصوير وضاحت (انٽرپريٽيشن)]
* [http://www.rchelisite.com/using_rc_helicopters_for_aerial_photography_and_videography.php فضائي تصويرنگاريءَ لاءِ ڏور ضابطيل هيليڪاپٽرن جو استعمال]
* [http://www.hagley.org/library/exhibits/dallinexhibit/ ڊيلاويئر ماٿريءَ جو برڊز آءِ ويُو] ڊيلن فضائي سروي ڪوٺيءَ بابت (1924ع-1941ع)
* [http://www.sc.edu/library/digital/collections/aerials/scaerialscolahome.html ڏکڻ ڪيرولينا، ڪولمبيا جون تاريخي فضائي تصويرون] يونيورسٽي آف سائوٿ ڪيرولينا جي لائبريريءَ ۾
* [http://www.pixaerial.com پڪسيريئل] ويلز جي ماحولياتي ۽ قدامتڀياسي سروي
* يونان جون [http://www.airphoto.gr/free_aerial_photos.html فضائي تصويرون]
* [http://www.papainternational.org/ PAPA] پيشور فضائي تصويرنگار سَٿَ
* [http://rcapa.net/ RCAPA] ڏور ضابطه فضائي تصويرنگاري سَٿَ

== حوالا ==
{{Reflist}}

{{photography}}

{{wiktionarypar|فضائي تصويرنگاري}}
{{Photo-stub}}

[[زمرو:ٽيڪنيڀياس]]
[[زمرو:نقشينگاري]]
[[زمرو:هوابازي]]

[[es:Fotografía#Aplicaciones científicas]]